سگھڙ سالڪ

سگھڙ سالڪ

سگھڙ سالڪ

سگھڙ سالڪ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري سگھڙ استاد محمد صادق ٿهيم جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. جنهن کي سگھڙ روشن الدين ٿهيم سهيڙي ڪتابي صورت ڏني آهي. هن ڪتاب کي نون حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ ٽيهه اکري حمد ۽ مختلف نبين اوليائن تي ڪيل شاعري شامل آهي. ٻئي باب ۾ نصيحت ۽ دانائيءَ جا داڻا، ٽئين ۾ سنڌ جو شان ۽ قوم کي پيغام، چوٿين باب ۾ مر مڻيادار، پنجين باب ۾ سگھڙپائي، ڇهين باب ۾ خوش طبعيءَ وارا خيال، ستين ۾ خشڪ ۽ سوز محبت جو مذڪور، اٺين باب ۾ ٽيهه اکريون ۽ نائين باب ۾ بيت ۽ ڪافيون شامل آهن. ڪتاب ۾ سگھڙ محمد صادق جي سوانح پڻ ڏني وئي آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر، روشن ٿهيم، بچل شاهه جيلاني سيد صالح محمد شاهه جا رايا پڻ شامل آهن.
ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 299 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي. هي ڪتاب روشن برادرز ڳوٺ محمد صادق ٿهيم، ٽنڊي آدم مان 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو